Friday, November 15, 2013

ڄاهو - غلام مصطفيٰ ڪلهوڙو

ڄاهو
غلام مصطفيٰ ڪلهوڙو
سنڌ اسانجي ملڪ پاڪستان جو اهو سر سبز ۽ خوشحال صوبو آهي جنهنجي سدا مرڪ سرهاڻ ۽ سچائيءَ جو سڳنڌ صدين کان سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. ڏوراهن ملڪن جي طبعي ماهرن سنڌي سر زمين جي مڪمل جائزي بعد، پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته؛ دنيا ۾ اهڙا ملڪ تمام گهٽ آهن جن ۾ هڪ ئي وقت جدا جدا آبهوا ۽ موسم موجود هجي ۽ اتي هڙئي قدرتي نعمتون نروار هجن جن ۾ جبل، نديون، ڍنڍون، سمنڊ ۽ ٻيلا وغيرھ شامل هجن. انهن ۾ سنڌ، جيڪا پاڪستان جي دل جي حيثيت رکي ٿي، هڪ آهي. پاڪستان جي هن جليل القدر خطي جا نه صرف ماڻهو پنهنجي لازوال خوبين جي ڪري پنهنجو مٽ پاڻ آهن، بلڪ اتي جا ڪيترا ئي جهنگلي جانور به ڪنهن نه ڪنهن اهميت جو مرڪز بڻيل آهن.

سنڌ جي هن سون ورني ڌرتيءَ تي پلجندڙ ۽ جاليندڙ هزارن جانورن مان ڄاهو، جنھن کي انگريزيءَ ۾ hedgehog سڏيو ويندو آھي، به هڪ عجيب الخلقت جانور آهي. هيءُ جانور، دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به ملي ٿو، ليڪن جيڪا اهميت ۽ ڄاڻ سنڌ اندر هن جانور لاءِ معلوم ٿئي ٿي، اها ٻئي هنڌ نٿي ملي. ڄاهو ڏسڻ جو نهايت ئي ننڍڙو ۽ ڪنڊن سان ڀريل جانور ٿئي ٿو، ليڪن وڏو سياڻو، حساس ۽ سدورو جانور ليکيو وڃي ٿو. جيئن ته هي جانور اڪثر ڪري ٻهراڙين ۾ نظر ايندو آهي، تنهنڪري هن جي حرڪتن ۽ حرفتن کان به ٻهراڙيءَ جا ماڻهو ئي چڱيءَ طرح واقف آهن. هي جانور ٻين جانورن کان هر لحاظ کان مختلف ٿئي ٿو. هن جو رنگ ڪارو ۽ وزن وڌ ۾ وڌ هڪ سير کن ٿئي ٿو. هن جي بدن تي کل هوندي آهي ۽ ان جي مٿان چؤطرف ڪنڊا ئي ڪنڊا ٿين ٿا. ان ڪري هن کي ڪنڊن وارو جانور پڻ چيو وڃي ٿو. ڄاهي کي ٻه ننڍڙا پير ٿيندا آهن جن جي مدد سان تڪڙو تڪڙو ڊوڙندو آهي. هن جو منهن سنهو ۽ ڊگهو، ڪئي سان مشابهت رکندڙ، ٿئي ٿو. سندس اکيون به ننڍيون ۽ گول ٿين. کيس ٻه ننڍڙا ڪن آهن ۽ پڇ بنھ ڪو نه اٿس. ليڪن وڏي مزي جي ڳالھ ته هن جانور ۾ ڪميءَ يا ڪڇونءَ وانگر پنهنجي کل ۾ لڪي وڃڻ جي خاص قدرتي خوبي رکيل آهي. اهڙيءَ طرح پنهنجي منڍي ۽ پير ڪنهن به وقت پنهنجي ڪنڊن واري کل ۾ آسانيءَ لڪائي هڪ بال يا کينهوڙي جهڙي شڪل اختيار ڪري سگهندو آهي. معلوم ٿو ٿئي ته اهو لڪڻ جو منجھس ڪو قدرتي راز رکيل آهي، جيڪو سندس جان جي حفاظت ڪري ٿو. انڪري قدرت طرفان عطا ٿيل ان نعمت جي ڪري، هي جانور خطري جي وقت نه صرف هر حملي کان محفوظ رهي ٿو، بلڪ سندس دشمن مثلاً؛ نانگ بلا يا ڪو ٻيو چيريندڙ ڦاڙيندڙ جانور، هن جي ڪنڊن ڀريل جسم سان مقابلو ڪري نه سگهندو آهي.
هي جانور پنهنجو شڪار اهڙي ته هوشياريءَ سان ڪندو آهي جو شڪار ڪڏهن به سندس گرفت کان نڪري نه سگهندو آهي. نانگن جا ٻچا، ڪوئا، ننڍا پکي ۽ ٻيا زمين تي رهندڙ جيت، ڄاهي جي خوراڪ ۾ شامل آهن. خاص ڳالھ اها آهي ته هي جانور ڪڏهين به ڪنهن انسان کي نقصان ڪو نه رسائيندو آهي، بلڪ انسان جي هر قسم جي دشمن نانگ بلائن کي پنهنجو جاني دشمن تصور ڪندو آهي. گويا هي جانور انسان دشمن نه پر انسان دوست ٿئي ٿو.
ڄاهي کي سنڌ جي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو خاص اهميت ڏين ٿا ۽ ان جي رنگ ۽ ڍنگ کان پوريءَ طرح سڄاڻ آهن. اهو ئي سبب آهي جو ان جي خصلتن تي تجربا ڪري کيس ’سدورو‘ ۽ ’سڀاڳو‘ جو لقب ڏنو اٿن. ڳوٺاڻا هن جانور کي گهڻو ڀانئيندا آهن ۽ ڪيترن هنڌن تي ڄاهي کي پاليو وڃي ٿو. هي جانور ايترو ته سياڻو ۽ سمجهدار ٿئي ٿو جو هڪ دفعي سان پنهنجي دوست ۽ دشمن کي پرکي ويندو آهي. ان ڪري اڪثر ڳوٺاڻا هن جانور کي کاڌي جون مختلف شيون ۽ کير ڏيئي هيرائيندا آهن ۽ وقت گذرڻ سان گڏ هي جانور گهر جي ڀاتين سان بالڪل هري مري ويندو آهي ۽ انهن کان ڪو به خطرو نه سمجهندو آهي ۽ خود بخود کاڌي جي وقت اچي نڪرندو آهي. هي جانور ڏينهن جو اڪثر پنهنجي آستاني ۾ زمين اندر رهندو آهي ۽ رات ٿيندي ئي کاڌي جي تلاش ۾ ٻاهر نڪري پوندو آهي. ڪڏهين ڪڏهين شڪار نه ملڻ سبب، جهنگ مان نڪري ڀر واري ڳوٺن جي گهرن ۾ گهڙي پوندو آهي.
ٻهراڙي وارا هن جانور کي سٺو سوڻ ڪري تصور ڪندا آهن ۽ انهن کي هيرائي هٿراڌو لئي (موسيقي) تي کيس ناچ ڪرائيندا آهن ۽ جڏهن به ڪنهن ڍولڪ نما موسيقي جو آواز ڄاهي جي ڪن تي پوندو آهي، هي بي اختيار ٿي نچڻ، ڪڏڻ ۽ ڦيريون پائڻ لڳندو آهي ۽ ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ هن کي موسيقيءَ سان بيحد دلچسپي آهي، جنهن جو اظهار خوش ٿي نچڻ سان ڪري ڏيکاريندو آهي. اهي ماڻهو جيڪي هن جانور جي چڱي ڄاڻ رکن ٿا، ان جو نه صرف سندس جيئري قدر ڪندا آهن مگر ان جي مري وڃڻ کانپوءِ به ان جي مئل جسم کي نهايت ئي عقيدت ۽ احترام وچان، پنهنجي گهرن ۾، خاص طور تي مال جي واڙن ۽ کير يا ڏڌ رکڻ جي جاءِ تي ٽنگي يا پوري رکندا آهن. جنهن مان انهن جو اهو عقيدو ظاهر ٿيندو آهي ته ڄاهي جي کل کي رکڻ سان به سندن مال رزق ۾ برڪت ٿيندي.
هي جانور ٻچا ڄڻيندو آهي ۽ انهن کي کير به ڌارائيندو آهي. ليڪن عجب جهڙي ڳالھ ته هلڻ وقت هي جانور بغير پڇ جي پکي لڳندو آهي، جيڪو حقيقت ۾ جانورن ۾ شمار ٿئي ٿو. جيتريقدر هن جي حياتيءَ جو تعلق آهي، ڪجھ چئي نٿو سگهجي، ليڪن پوءِ به هن جانور جي عمر ڪافي وڏي ٿئي ٿي. هن جو اڪثر ڪري موت ڪنهن ڦاڙيندڙ جهنگلي جانور يا ڪتي جي اوچتي حملي سبب ٿيندو آهي. بي خبريءَ يا ننڊ جي صورت ۾ پنهنجو منهن ڪنڊن واري کل ۾ لڪائڻ جو کيس ڪو موقعو ئي نه ملندو آهي ۽ مري پوندو آهي. تجربن مان معلوم ٿيو آهي ته دشمن جي اچانڪ وار سبب پنهنجي بچاءَ ۾ فقط منهن کي لڪائي نانگ واريون تيز ڦوڪون ڏيئي دشمن کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
چوندا آهن ته؛ گدڙ، جيڪو سڀني جانورن ۾ عقلمند سمجهيو ويندو آهي، صرف اهو ئي ڄاهي کي ماري کائيندو آهي. اهو هن طرح جو جڏهين ڄاهو کيس ڏسي پنهنجي ڳچي لڪائي ڇڏيندو آهي ته گدڙ پنهنجي پير سان ڄاهي کي اٿلائي ابتو ڪري هن جو هيٺئين حصي وارو پيٽ ڦاڙي کائيندو آهي، جتي ڄاهي کي ڪنڊا ڪو نه ٿين.
بھرحال خدا جي خلقيل هر شيءِ يا ساهوارو، ڪنهن نه ڪنهن حڪمت سان ڀريو پيو آهي. اهڙيءَ طرح ڄاهي جهڙو ننڍڙو جانور، جنهنجي بظاهر ڪا به اهميت ۽ افاديت ڪانهي، ليڪن تنهن هوندي به مختلف تجربن ثابت ڪيو آهي ته هي جانور هڪ طرف ننڍڙو جيتامڙو ٿي ڪري انسان جي سڀني دشمن بلائن ۽ جيتن کي کائي ختم ڪري انسان ذات تي اعليٰ احسان ڪري ٿو ته ٻئي طرف انسان جي وقتي خوشي ۽ وندر جو باعث پڻ بڻجي ٿو.


ماهوار پيغام ڪراچي، جلد ۴، شمارو ۱۱۽ ۱۲، مئي-جون ۱۹۸۰ع، جمادي الثاني ۱۴۰۰ھ



No comments:

Post a Comment