گرگلا
سنڌ جا بي گهر ماڻهو
خالد ڪنڀار
هي جيڪي جتان ڪٿان پيا تڙجن، رلن، ڌڪا کائن ۽ دربدريون
ڪن انهن رول قبيلن کي پاڻ واري پڙهيل لکيل سنگت چوي ٿي. اهي آهن جپسي هاڻ انهن رول
جپسين جي جُهڳين ۾ وڃي ڪير؟ هنن جي اندر جا حال وٺي ته اهي رول پنهنجي لاءِ پاڻ ڇا
ٿا چون. انهن رول جپسين جي جهڳين ۾ ڪو ٽشو پيپر شهري صحافي ته ٻه منٽ ويهي به ڪونه
سگهندو. پر جيڪڏهن ڪو هنن جهڙو ئي رول هوندو ته هنن جي ڏکندي رڳ تي هٿ رکي درد جو دم
پيو ڀريندو. هنن رول جپسي قبيلن کي رول دربدر ۽ ڌڪا کائيندڙ بنائڻ ۾ وقت ۽ حالت سان
گڏ ڪجھ هٿ هنن جي هٺ جو به آهي. ڪجهــ هٿ وري آرٽ جي بي قدري جو به آهي. انهن جپسين
سان جي ويهندا ته اهي پنهنجو بڻ بڻياد اتان دليلن سان شروع ڪندا جتان جو اوهين سوچي
ئي نٿا سگهو. چوندا اسين راجپوت آهيون. هاڻ جي اوهين هن وقت سنڌ وطن ۾ رهندڙ راجپوتن
کي ڏسندا ته هي اوهان کي راجپوت ڪونه لکندا. پر انهي لاءِ هنن وٽ پنهنجا دليل آهن.
انهن رول قبيلن ۾ هڪڙو قبيلو آهي “گرگلا” اهي گرگلا
جن لاءِ سنڌ ۾ عام چوڻي آهي ته “ڀيڻهيان تون ته ڪو گرگلو آهين” اهي گرگلا چون ٿا ته
اسين راجپوت آهيون ۽ هنن جو اهو چوڻ آهي ته اسين اصل ٻاڙمير، چهوٽڻ ۽ راڍڻ پور جا آهيون.
انهن گرگلن جي وڏي ۾ وڏي ذات گهيارا راجپوت آهن. انهن گرگلن جو سنڌ ۾ وري مڙه مقام
ڀٽ ڀائٽي ضلعو سانگهڙ آهي. اڃا تائين به جيڪڏهن ڪو گرگلو هي جهان ڇڏيندو آهي ته انهي
کي مٽي حوالي وري به ڀٽ ڀائٽي ۾ ڪندا آهن. قبول شاه وارو قبرستان گرگلن جو آهي. انهن
گرگلن جو اصل ڪم هوندو رانديڪڙا مٽي جا ٺاهي وڪڻڻ. کاري ۾ مٽي جا ٿانو کڻي وڪڻڻ کانسواءِ
هي گرگلا چوڙيون وڪڻن، ٻهارا ٺاهي وڪڻن. انهي قبيلي تي استاد قدر جوڻيجي جو به گهڻو
ڪم ٿيل آهي. انهن گرگلن جون به نکون آهن، جن ۾ مرکٽ، ليڙيا، سوڍا، ڪاريندا هنن جي ذات
جو نکون ڀيلن سان به ملن ٿيون. هي اڪثر ڪري هندو قبيلن وانگر ساڳئي نک ۾ شاديون ناهن
ڪندا. انهن لاءِ موهن گرگلي جو اهو چوڻ آهي اسين مسلمان ٿورو ئي آهيون جيڪو رت ۾ شاديون
ڪريون. اسين ساڳئي نک پنهنجي رت ۾ شاديون ناهيون ڪندا.
گرگلن جو جيڪو گرو مهراج هوندو آهي انهي کي ساڙيندا
آهن باقي هر گرگلي کي مٽي ماءُ حوالي ڪندا آهن. انهن گرگلن جو هڪڙو ڪم جنڊ وڪڻڻ به
هو هي پٿر مان ٺهيل جنڊ کڻي وڃي وڪڻندا هئا. هاڻ انهن گرگلن ۾ مردن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو
آهي. اهي ٺري جا موالي رات ڏينهن ٺرو پي ڌت ٿي جهڳين ۾ پيا هوندا آهن. هاڻ چوڙيون رانديڪڙا
ٻهارا وڪڻڻ وارو ڪم گرگليون ڪن ٿيون. پر انهن گرگلين سان گڏ ڪو نه ڪو گرگلو هوندو.
اهو گرگلو ڳوٺ واري اوطاق جي ٻاهرين ڪنڊ ۾ ڪڇرو اگلو لٺ هٿ ۾ جهليو ويٺو هوندو ۽ گرگليون
ڳوٺ جي گهر گهر ۾ وڃي اهو سامان وڪڻنديون آهن. گرگلا ٺري جا وڏا مولي هوندا آهن. اهي
ٺرو پيءِ پنهنجي گهر وارين کي روز تشدد جو نشانو بڻائيندا آهن. سج لهندو ئي مس آهي
ته گرگلن جي ديري تي گار جي رئي هوندي آهي.
گرگلا مرد سوئر جو شڪار وڏي شوق سان ڪندا آهن. اهي
ئي گرگلا پنهنجي ڌي کي به ڏيج ۾ ڀلو ڪتو ضرور ڏيندا آهن. هو شڪاري ڪتن جا شوقين هوندا
آهن ۽ شڪار ۾ وري شڪار هو شوق سان سوئر جو ڪندا آهن ۽ انهي سوئر جو گوشت هو سڪائي رکي
ڇڏيندا آهن ۽ روز ٺري سان گڏ اهو سڪايل گوشت تري کائيندا آهن. عمرڪوٽ وارن گرگلن جي
يادگيرين ۾ سوئر جو يادگار شڪار هنن جو عمرڪوٽ شهر ۾ آيل سوئر جو ٻڌائن ٿا. هو چون
ٿا ته هڪڙي مرون جي شڪار لاءِ چار ڪتا ڪافي
آهن. تازي ڪتو وڙهندو ڪو نه تازي ڪتي کي سوئر چيريندي دير ڪونه ڪندو. تازي جو ڪم آهي
سوئر کي روڪڻ، هو رڳو سوئر کي روڪيندو ماريندو وري به وڃي ٻٽو ڪتو، اهو مرون کي ڪيرائيندي
دير ئي ڪونه ڪندو. سو سوئر جو جتي ٻڌائون اتي ٺڪا وڃي ڪندا. پوءِ پيا اهاڙيندا ۽ ڪتا
بڇيندا.
گرگلن ۾ هڪڙي پِٽ آهي. اهي ننڍي هوندي ئي شادي ڪرائي
ڇڏيندا آهن. انهي شادي کان پوءِ گرگلن جو گهر هڪڙي جهڳي هوندي آهي. انهي جهڳي ۾ ئي
گرگلو پنهنجي سڃي خاندان سان گڏ رهندو آهي. انهي گرگلي جي ڪل موڙي اها جهڳي هوندي آهي
جنهن کي نه در نه دري.
انهن گرگلن ۾ هاڻ عورتن توڙي گرگلن رانديڪڙا وڪڻڻ به
ڇڏي ڏنا آهن. انهن جي گذر جو هن وقت وڏو ذريعو پنڻ آهي . اهي جيڪي ٻارڙيون ۽ ٻارڙا
اوهان کي شهرن ۾ پنندي نظر اچن ٿا انهن ۾ وڏي اڪثريت گرگلن ۽ گرگلين جي آهن موهن گرگلي
عمرڪوٽ واري پڙي تي ٻڌايو ته ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ ڇوڪرين کي ماڻهو وڌيڪ خيرات ۾ ڏين ٿا
. اهي ٻارڙا شام جو مزوري کان وڌيڪ پني اچن ٿا. اڪثر ڪري گرگليون ٿڃ پياڪ ٻارڙا کڻي
اوهان کي ايلاز ڪندي نطر ايندا روز صبوح ٿيندي اهي گرگليون ٻار کڻي پنڻ وڃن ٿيون هنن
جو چوڻ آهي ته ايئن ٿڃ پياڪ کڻي پنڻ سان وڌيڪ پن ملي ٿي. اوهان گرگلن جي ديري ۾ ويندا
ته اهي ڪاريون گرگليون اوهانکي ملنديون. انهن پنڻ وارين گرگلين سان شهر ۾ جنسي ڏاڍايون
به ٿين ٿيون ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي ڏاڍايون پر پوءِ به هو انهي ڌنڌي سان آهن.
هي قبيلو ذهني طرح غربت جي اهڙي حالت ۾ آهي جنهن ۾ تبديلي جو در اڃا تائين
ناهي کلي سگهيو اهي ڄمن ئي پنڻ ۽ پيئڻ لاءِ ٿا، شهرن جي ويجهو جهڳيون اڏي ويٺل انهن
گرگلن کي اڪثر ڪري لڏڻو به پوي ٿو. جيئن عمرڪوٽ وارن گرگلن کي سمندر پٺاڻ هڪ رات ۾
لٺ جي زور تي لڏايو هو ۽ هنن جي واهر ڪنهن به نه ڪئي هئي. عمرڪوٽ واري گرگلن جي ديري
تي حال اوريندي گرگلن جو چوڻ هو ته جي وس وارا رڳو اسان کي رهڻ لاءِ پلاٽ ڏين ته ٻيو ڪجھ گهرون ئي ڪون ٿا پر وس وارا
ته اهو به نٿا ڏين. هتي عمرڪوٽ ۾ الله ڀلو ڪري اڳوڻي راڻي، راڻي چندر سنگھ جو جنهن
جوڳين کي پلاٽ ڏئي آباد ڪيو هاڻ عمرڪوٽ ۾ ٻهـ وڏيون جوڳي ڪالونيون آهن ۽ انهن جوڳين
جي عمرڪوٽ شهر ۾ جوڳي بازار به آهي، جنهن ۾ جوڳين جا ڪاروبار آهن ۽ انهن جوڳي ڪالونين
۾ اسڪول هجڻ جي ڪري جوڳي تعليم ۾ به اڳتي آهن. جيڪڏهن ڪو وس وارو عمرڪوٽ جي گرگلن کي
آباد ڪري جيڪو هر اليڪشن ۾ هنن کان ووٽ وٺي ٿو ته گرگلن ۾ سڌاري جي اميد پئدا ٿي سگهي
ٿي.
No comments:
Post a Comment