Tuesday, June 23, 2015

نه ڪي آگم اُڀ ۾، نه ڪڪر ڪارونڀار - ماڪن شاھ رضوي

نه ڪي آگم اُڀ ۾، نه ڪڪر ڪارونڀار!
اربع 22 اپريل 2015ع
ماڪن شاھ رضوي
ڇا ته اُهي محبوب ڏينهن هوندا هئا، جڏهن مينهن موڪون ٿي وسندا هئا. هونئن به سڄي سال ۾ مينهوڳيءَ جي سانوڻي مُند سُهاڳي رُت سڏبي آهي. صُبح جو سج اصل اُماڙي کڻي اُڀرندو هو ۽ پوءِ جيئن جيئن مٿي ايندو هو ته ڄڻ اُڀ مان ٽانڊا پيا وسندا هئا، پوءِ ڪنهن پپر ته ڪنهن بڙ جي ڇانوَ چڪاسي، وڻ ٽاريءَ تي ڳيرو گرميءَ کان گهٻرائجي گهو گهو ڪندو هو ته، ڪٿان پري کان تاڙو تنواريندو هو ۽ ٽپهريءَ کان ئي اُتر کان ڀريل ڀورا سليٽي ڪڪرن جا ڪارونڀار جُڙندا هئا. سج  وچين ڌاري پهتو ته اهي ڀريا بادل سُرمائي رنگ ۾ رنڱجي ويندا هئا، جنهن تي اڇي رنگ جا ننڍڙا ڪڪر ڊوڙندا، فطرت جي سونهن کي سوايو ڪرڻ لڳندا هئا ۽ اهڙي مست منظر ۾ ٻگهه پکين جو جوڙو جي انهن ڪڪرن سامهون اُڏامندي نظر آيو ته ڏاها چوندا هئا، بس اجهو ٿو مينهن اچي ۽ ٿيندو به ائين هو. اوچتو هوائن جا در کُلي پوندا هئا ۽ وڄ وراڪا ڏيندي ته گوڙ سان گڏ، وڏ ڦُڙي جي وسڪار شروع ٿيندي هئي، پوءِ اوهيرن پويان اوهيرا هوندا هئا. صُبح فجر ويل ڪي ساعتون مينهن ساهي ڏيندو ته ڀاڳيا چوندا هئا، ڏُهائي ويل ٿو ٽاري يعني مال جي ڏُهائي ڪري سگهبي هئي ۽ پوءِ وري اهي ئي اوهيرا، ڪڏهن ڪڏهن ته ٻه ٽي ڏينهن لڳاتار اُڀ تي جُهڙ ڇانيل رهندو، اهڙي حالت کي ”سَرلو“ چئبو هو.

Monday, June 22, 2015

سنڌ جي ڍَڳي گاڏي - ماڪن شاھ رضوي

سنڌ جي ڍَڳي گاڏي!
ماڪن شاھ رضوي
هن جِند جهڙي سنڌ جا اُهي ڏينهن به سارَ جي تار تي لُڏن ٿا، جن ڏينهن جي باکَ ڦُٽي ويل، ڳچ پنڌ پريان ڪچي رستي تان ويندڙ ڍڳي گاڏيءَ جي ٺڙ ٺڙ سان گڏ، جوٽيل ڍڳن جي ڳِچين ٻڌل چنگن جو آواز، ماڪَ ڀِنل موتئي جي سُرهاڻ جيئن ستن ننڊن مان به سُجاڳ ڪري ڇڏيندو هو ۽ پريان وري ڪا ڪوئل ڪُوڪ ڪري، ساجهر صُبح جو سَنهيو ڏيڻ سان گڏ وِڇوڙن جي وَر چَڙهيل دِلين کي رهڙي ويندي هُئي. اڃا ڪا بِنهه پراڻي ڳالهه ته ڪانهي، رُڳو ويهه پنجويهه ورهيه ئي گُذريا هُوندا، جن ۾ گهڻي تيزي سان مشينن زندگيءَ جي هر شُعبي تي قبضو ڪيو آهي. تن ڏينهن ۾ ٽريڪٽر به آيو هو ته صرف وڏن زميندارن وٽ. نه ٽرالي عام هُئي نه ٿريشر يا مني ٽرڪ شهزور، مزدا ۽ سوزوڪي پڪ اپ جي گهڻائي هُئي. تڏهن اهي ڀَٽارا ڍَڳا ۽ ڍڳي گاڏيون ئي پوکي راهي توڙي بار برادري جي ڪم لاءِ ڪتب ايندڙ هئا. موهن جي دڙي مان مليل رانديڪي ڍڳي گاڏيءَ جو شروع ٿيل هزارن سالن جو سفر کُٽو ته اڃا به ناهي. اها دَراوڙن جي جوڙيل ڍَڳي گاڏي اڄ به ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن ڪچي رستي تي ڍَڳن ۾ جوٽيل هلندي رهي ٿي. پر اهو به ڪَڙو سچ آهي ته مشيني ماحول سنڌ جي ان ڍڳي گاڏيءَ کي بنهه محدود ڪري ڇڏيو آهي. چيٽ ڪَتيءَ جي فصلن جون جنسون جن ۾ چيٽ ۾ ڪڻڪ يا تُوريون ۽ ڪَتيءَ ۾ ڪپهه (ڦٽيون)، مِرچ، ڳُڙ، توڙي ساريون کرن کان شهر جي بازار تائين اڃا ڍڳي گاڏي پهچهائيندي رهي آهي. گهوڙي تي موڙ ٻڌي ويٺل گهوٽ سان گڏ هلندڙ ڄاڃين کي به اها ڍڳي گاڏي کڻي ڪنواريتن تائين پُهچائيندي رهي. اهو به ضرور آهي ته اُتر سنڌ جي ڍڳي گاڏي ۽ لاڙَ توڙي وچولي جي ڍڳي گاڏيءَ جي گهاڙيٽي ۾ فرق آهي ته پنجاب واري پاسي هلندڙ گاڏي هڪڙي ڍڳي يا سانَ پاڏي سان به ڇِڪي ويندي آهي پر جنهن ڍڳي گاڏيءَ جي سُونهن سَٽاءَ جي مشهوري مُلڪان مُلڪ آهي. اها لاڙ پٽ جي ڍڳي گاڏي آهي. ٻٻر، ٻير يا ٽالهيءَ جي وَڻَ جي ڪاٺيءَ مان بنهه سُهڻي ۽ مضبوط ڍڳي گاڏي ٺهندي رهي آهي. ضلعي ميرپورخاص جي شهر جهُڏي گدام جي ٺهيل گاڏي سڄي سنڌ ۾ مشهور، مضبوط ۽ وڻندڙ مڃي ويئي، جيڪا ٿهيم، شيدي ۽ پراڻا سيٽلر پنجابي واڍا ٺاهيندا هُئا.

Monday, November 3, 2014

وڏيري انب خان جو پيش ڪيل سپاسنامون - فاطمه ڀرڳڙي

وڏيري انب خان جو پيش ڪيل سپاسنامون
فاطمه ڀرڳڙي
محترم سيد زاده
ڪُل مالڪ ڪوه ڪاف جو چمن
عزت ماب جناب محترم سيد صاحب
۽ ساڻس گڏ آيل ابتا سبتا مهمان.
آئون پنهنجي علائقي جي عوام طرفان اوهان کي ڀليڪار نٿو چئي سگهان جو اهو منهنجي دل ۾ فيڊ ٿيل ئي ڪونهي. شڪرگزار به نٿو ٿي سگهان جو اها فائل ڪرپٽ ٿي وئي آهي. اميد ته نئون دل انسٽال ڪري اهي ڪميون دور ڪيون وينديون. جناب اوهان پنهنجي قيمتي وقت مان جيڪي گھڙيون اسان کي ڏنيون آهن، سي صحيح ڪو نه پيون هلن. ڪافين ۾ ته سيل ئي ڪونهن. اڳتي لا۽ خيال ڪيو وڃي.

Sunday, October 5, 2014

ڪورٽ ڪچهريون - محمد قاسم ميرجت

ڪورٽ ڪچهريون
محمد قاسم ميرجت
جنهن ماڻهو به لفظ ”ڪورٽ“ جو ترجمو ”ڪچهري“ ڪيو، ان ترجمي جو ڄڻ ته حق ادا ڪيو، ڪورٽ جو نالو وٺڻ سان ڪيتريون منجهائيندڙ، پريشان ڪندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڳالهيون ذهن تي تري اچن ٿيون، جيڪا به هڪ حقيقت آهي، جڏهن ته سنڌيءَ ۾ ڪورٽ لفظ جو اشتقاق هن نموني ڪيو ويندو آهي ته (ڪ- ڪوڙ)، (و- وڪيل)، (ر- رولڙو) ۽ (ٽ- ٽڪا). انهن کانسواءِ وڪيلن جي لاءِ عدالت ۾ اثر رسوخ هجڻ، سفارشي، مٽي مائٽي وارو، ناليوارو ۽ ليڊر وڪيل، ”نئون وڪيل“ يا ”رڳو قانون پڙهندڙ وڪيل“ ۽ وڏي ڳالهه ته ”انصاف جو وڪرو“ ڪندڙ وڪيل جهڙا لقب القاب اُهي سڀ  سچايون ۽ وڪيلن جا اونداها پاسا به آهن جنهن ۾ ڪو به شڪ نه آهي پر ان ۾ ايماندار به آهن، انهن جو ڪم متاثر ماڻهن کي جلد حق ڏيارڻ به آهي، بي ڏوهين جي ضمانت ۽ آزادي به آهي، ڏاڍي کي ڊپ به آهي ته لوفر جي اڳيان ڪا ڍال به آهي.

Sunday, January 12, 2014

ناياب جهنگلي جيوت - کاٽائو جاني

ناياب جهنگلي جيوت
سندس جاري نسل ڪشي ۽ تماشو ڏسندڙ سرڪاري ادارا
کاٽائو جاني
جيتوڻيڪ گلوبل وارمنگ سبب نه رڳو گذريل ٽن ڏهاڪن کان سڄي دنيا ۾ قدرتي آفتن ۾ اضافو ٿيو آهي، پر جهنگلي جيوت جي واڌ ويجهه تي تمام گهڻو هاڃيڪار اثر به ٿيو آهي. ڪيترا ئي جانور ۽ پکي، دنيا ۾ ناياب ٿي رهيا آهن. جنهن ڪري جهنگلي جيوت جي بچاءَ لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي ادارن طرفان، دنيا ۾ جيڪي پکي پکڻ ۽ جانور ختم ٿي رهيا آهن، انهن ناياب پکين توڙي جانورن جي ريڊ ڊيٽا لسٽ جاري ڪئي ويئي آهي. انهي ريڊ لسٽ ۾ نه رڳو پرديسي پکي تلور شامل آهي، پر اسانجي ناياب ٿيندڙ مقامي جهنگلي جيوت ۾، هنج، ڪُونج، مور، هرڻ، روجهه وغيره شامل آهن. انهيءَ کانسواءِ جهنگلي جيوت، جيڪا اسان جي ڌرتيءَ جي نه رڳو سونهن ۽ سُندرتا آهي، پر فطرت جي رنگينيءَ جو نظام به انهيءَ جيوت سان جُڙيل آهي، ڪائنات جي خوبصورتيءَ جا رنگ جهنگلي جيوت کانسواءِ اڌورا ويران ۽ اداس هوندا آهن. ان ڪري هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي عروج واري دور ۾ به دنيا ۾ جهنگلي جيوت کي ڌرتيءَ جي سُونهن ۽ انساني زندگيءَ جي ضرورت شمار ڪيو وڃي ٿو. جهنگلي جيوت جي اهميت کي اُجاگر ڪرڻ ۽ بچائڻ لاءِ 2 فيبروري 1972ع ۾ ايران جي شهر رامسر ۾ هڪ عالمي گڏجاڻي ٿي هئي، جنهن ۾ هڪ معاهدو ٿيو، جنهن کي رامسر ڪنوينشن چيو وڃي ٿو، انهيءَ تي پاڪستان سميت دنيا جي 123 ملڪن صحيحون ڪيون آهن. جڏهن ته پاڪستان ۾ ناياب جهنگلي جيوت جي بچاءُ لاءِ 19 سائيٽن کي رامسر ايريا قرار ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ ۾ ڪينجهر ۽ هاليجي ڍنڍ ۽ رڻ ڪڇ جي ساحلي پٽيءَ سميت 10 سائيٽ شامل آهن. رڻ ڪڇ جي ساحلي پٽي، جيڪا 3 لک 20 هزار 436 هيڪٽر ايراضيءَ تي مشتمل آهي، جيڪا بدين ۽ ٿرپارڪر ضلعي ۾ اچي ٿي، ۽ اها 1980ع کان وٺي وائلڊ لائيف سينچري پڻ قرار ڏنل آهي پر اسان جي ملڪ ۾ لاقانونيت جي بازار ۾ بربادي ۽ تباهيءَ جو اهڙو ته تماشو لڳل آهي، جتي هڪ طرف دهشتگردي ۽ بدامنيءَ جي بي قابو جِنَ عوام جو جيئڻ عذاب ڪري سُک چين برباد ڪري ڇڏيو آهي، اُتي بيرحم شڪاري، بندوقون اُڀيون ڪري ڍنڍن ۽ ڍورن تي سائبيريا، روس ۽ ٻين ٿڌن ملڪن کان آيل مهمان پکين جو جنهن طرح بندوقن سان آڌر ڀاءُ ڪري رهيا آهن.

Tuesday, December 31, 2013

جديد زماني ۾ قديم روايت جون مثالي جڳهيون - طارق عزيز شيخ

جديد زماني ۾ قديم روايت جون مثالي جڳهيون
طارق عزيز شيخ
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪجهه اهڙا علائقا، جڳهيون ۽ گذرگاهون آهن جيڪي هن وقت ته عام لڳن ٿيون پر تاريخي طور انهن جي اهميت تمام وڏي آهي. اهو سڄي دنيا ۾ حڪومتن ۽ انتظاميه جو فرض هوندو آهي ته اهڙن تاريخي ماڳن مڪانن ۽ گذرگاهن کي پنهنجي تاريخي حيثيت مطابق اهميت ڏين ته جيئن انهن جي تاريخي  ڄاڻ منتقل ٿيندي رهي ۽ ان سان گڏوگڏ سار سنڀال به ٿيندي رهي. سڀ کان وڌيڪ برطانيه، اٽلي ۽ روس ۾ تاريخي جڳهين کي قائم رهڻ ڏنو ويو آهي. هڪ سروي موجب فقط برطانيه ۾ ۵۰۰ اهڙا تاريخي ماڳ آهن جيڪي ميوزيم، لائبريرين ۽ عمارتن جي شڪل ۾ ملن ٿا، ان ۾ سنڌ جون تاريخي شيون به شامل آهن، سنڌ ۾ به پنهنجي تاريخ جي اهڃاڻن کي سنڀالي سگهجي ٿو پر ڪجهه تاريخي جڳهين کان سواءِ لاتعداد جڳهيون نظرن ۽ بچاءُ کان وانجهيل آهن. ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، شڪارپور ۽ سکر جهڙن شهرن ۾ به اسان کي هن وقت عام لڳندڙ علائقا، عمارتون ۽ گذرگاهون اهڙا نظر ايندا جيڪي غير معمولي اهميت وارا آهن. اڃا به وقت آهي، هاڻوڪي حڪومت انهن کي بچائي سگهي ٿي. سياحت جي حوالي سان انهن تاريخي ماڳن کي اهڙو بڻائي سگهجي ٿو جيئن زيارت ۾ جناح صاحب جي رهائش کي رکيو ويو هو. اسان وٽ تاريخي حوالي سان نهايت يادگار مواد پڻ موجود آهي جيڪو انهن هنڌن تي لڳائي سگهجي ٿو. مورڙي جي قبر کان وٺي حيدرآباد جي پڪي ۽ ڪچي قلعي کي تاريخي اهميت ڏئي محفوظ ڪرڻ جو اهو ئي طريقو آهي. ان ڏس ۾ ڪجهه ماڳ مڪان هيٺ ڏجن ٿا.

Saturday, December 28, 2013

پرڏيهي پکين جي نسل ڪشي - طارق عزيز شيخ

پرڏيهي پکين جي نسل ڪشي
طارق عزيز شيخ
سيارو اچڻ ساڻ ئي روس جي ٿڌن علائقن کان ڊگهو سفر ڪندي مسافر پکي سنڌ ڏانهن رخ ڪن ٿا. لڏ پلاڻ ڪندڙ هنن مسافر پکين جو مرڪز سامونڊي پٽي وارو علائقو هوندو آهي، جيڪو ڪراچيءَ کان وٺي بدين تائين هلندو وڃي ٿو. ان وچ ۾ لکين پکيئڙا ولرن جا ولر ڪيو ويٺا هوندا آهن. ان وچ ۾ ڍنڍون ۽ ٻيٽ به خاص مرڪز هوندا آهن، جتي نسل ڪندا اهن. صدين کان وٺي سهي سلسلو جاري آهي، جيڪو قدرتي انداز آهي. تيز ٿڌا علائقا جڏهن زندگي مفلوج ڪري ڇڏين ٿا تڏهن هيءُ پکيئڙا ٿورو اڳتي پاڻي واري پاسي منتقل ٿين ٿا، جڏهن اتي به برفاني صورتحال سبب پاڻي ڄمڻ لڳي ٿو ته هو اڃا پرتي وڌن ٿا ۽ اهڙي ريت زندگيءَ جي ڳولا ۾ هو پاڻيءَ ڏانهن وڌندي وڌندي سنڌ جي خوبصورت سامونڊي پٽيءَ تائين اچي ٺڪاڻا ٺاهين ٿا.