Showing posts with label نه ڪي آگم اُڀ ۾، نه ڪڪر ڪارونڀار، اربع 22 اپريل 2015ع، ماڪن، شاھ، رضوي،. Show all posts
Showing posts with label نه ڪي آگم اُڀ ۾، نه ڪڪر ڪارونڀار، اربع 22 اپريل 2015ع، ماڪن، شاھ، رضوي،. Show all posts

Tuesday, June 23, 2015

نه ڪي آگم اُڀ ۾، نه ڪڪر ڪارونڀار - ماڪن شاھ رضوي

نه ڪي آگم اُڀ ۾، نه ڪڪر ڪارونڀار!
اربع 22 اپريل 2015ع
ماڪن شاھ رضوي
ڇا ته اُهي محبوب ڏينهن هوندا هئا، جڏهن مينهن موڪون ٿي وسندا هئا. هونئن به سڄي سال ۾ مينهوڳيءَ جي سانوڻي مُند سُهاڳي رُت سڏبي آهي. صُبح جو سج اصل اُماڙي کڻي اُڀرندو هو ۽ پوءِ جيئن جيئن مٿي ايندو هو ته ڄڻ اُڀ مان ٽانڊا پيا وسندا هئا، پوءِ ڪنهن پپر ته ڪنهن بڙ جي ڇانوَ چڪاسي، وڻ ٽاريءَ تي ڳيرو گرميءَ کان گهٻرائجي گهو گهو ڪندو هو ته، ڪٿان پري کان تاڙو تنواريندو هو ۽ ٽپهريءَ کان ئي اُتر کان ڀريل ڀورا سليٽي ڪڪرن جا ڪارونڀار جُڙندا هئا. سج  وچين ڌاري پهتو ته اهي ڀريا بادل سُرمائي رنگ ۾ رنڱجي ويندا هئا، جنهن تي اڇي رنگ جا ننڍڙا ڪڪر ڊوڙندا، فطرت جي سونهن کي سوايو ڪرڻ لڳندا هئا ۽ اهڙي مست منظر ۾ ٻگهه پکين جو جوڙو جي انهن ڪڪرن سامهون اُڏامندي نظر آيو ته ڏاها چوندا هئا، بس اجهو ٿو مينهن اچي ۽ ٿيندو به ائين هو. اوچتو هوائن جا در کُلي پوندا هئا ۽ وڄ وراڪا ڏيندي ته گوڙ سان گڏ، وڏ ڦُڙي جي وسڪار شروع ٿيندي هئي، پوءِ اوهيرن پويان اوهيرا هوندا هئا. صُبح فجر ويل ڪي ساعتون مينهن ساهي ڏيندو ته ڀاڳيا چوندا هئا، ڏُهائي ويل ٿو ٽاري يعني مال جي ڏُهائي ڪري سگهبي هئي ۽ پوءِ وري اهي ئي اوهيرا، ڪڏهن ڪڏهن ته ٻه ٽي ڏينهن لڳاتار اُڀ تي جُهڙ ڇانيل رهندو، اهڙي حالت کي ”سَرلو“ چئبو هو.