مڪلي، سُر رامَڪلي، جوڳي
۽ اک اک جو ڦير!
جوکيو جسارت الياس سنڌي
چتين سان ڀرپور گيڙون
ويس، پٺيءَ تي گودڙي، “سُرمو سڀ ڪا پائي، پر اک اک جو ڦير” تي ويساھ ڏياريندڙ ڳٽ
سرمي ۾ سرس ڪارا ۽ ڪٽورا نيڻ، وڏن ڀَنڱَن (پانچن) واري شلوار، نج سنڌي پڳ جا بنا
پلاند جي ڏنل وَرَ، لٺ سھاري ھلندڙ ڏٻري جسم مان صدين پراڻي سنڌ جي مٽيءَ جي ھُڳ، ڪنڌ
۾ مالھا؛ جنھن ۾، پٿرن جا انيڪ پويل قسم! کيس چيم ته گھر ھلڻو آھي؛ ھل ته ڪار ۾
ھلون. ٺُپ جواب ڏنائين ته؛ “ڪار کان بي ڪار ھلجي، ڇو ته ڪار ڪم اچي رات ڪار ۾، نه ڪي
ڏينھن جي ڪجي ڪا ڪار اِھا، جا ڪندي ڪارو 'ناري' مون!” سندس ڏنل جواب جي منطق تي
دماغ ۾ واچوڙا اچي ويم. اڃا ان تي پئي سوچيم تيسين پاڻ پنھنجي ھمسفر سان گڏ اٿي،
گودڙيون ۽ ٻيا سامان کڻي، اڳتي وڃڻ لڳو. اھا زال به سندس قميص جي دانوڻ ۾، مضبوط ھٿ
وجھي، اکيون پوري، پنھنجي آھير مٿان لازوال ڀروسو ڪري ھلڻ لڳي. جيڏانھن مانڌيار پوڙھو،
اوڏانھن ھيءَ چادر واري جھورَ پوڙھي...! ھي روز اتي اچي، نم جي وڻن جي ڇانو ۾
ويھي، پنھنجي ڏات ڏيکاري ٿو. جڏھن کانئس پڇيم ته، “ھن پوڙھيءَ کي ڇو ٿو وٺيو اچين؛
ڇڏي ڏينس گھر منجھ ويھي گھر سنڀالي” ته ھن اڌ صدي پراڻي کل جي انداز ۾ ٽھڪ ڌئي
جواب ڏنو ته؛ “نوري ھجڻ جو واعدو ٻنھي ڪيو آھي، ته ھوءَ گھر ۾ ڇا ڪندي؟ انڪري اسان
ٻئي ڄڻا، جتي ڪٿي گڏ ھوندا آھيون”. جيتؤڻيڪ سندس لفظ ۾ درد ڇُلڪي رھيو ھو، پر
ظاھري طور سَرھو پئي نظر آيو. سندس اکين مان ڪا پري پنڌ واري اڻپوري آس جرڪي رھي
ھئي! جتي ھو روز ويھن ٿا، اتان لنگھندڙ سوين ماڻھو، ڪي گھڙيون بيھي کين ڏسن ٿا، ته
ڪي وري سندن اخلاقي مدد به ڪن ٿا. آھن ٻئي ايڏا جھونا جو ھلڻ مھل، ٻئي پنھنجا پُٺا
سڌا ڪري نه ٿا ھلي سگھن. نظر ٻنھي جو گھٽ پر ھينئين جا سريلا! سانجھي ٿيڻ واري ھئي
۽ سج به لھڻ وارو ھو. جھور ھوندي به ھي ٻئي ڄڻا، جوانن وانگر تکا پئي ويا ته رڙ ڪري
کين چيم؛ “پٿرن کان پاسو ڪري ھلو، انھن تان ٿاڙٻجي نه پئو!” “ابا ھت جو پٿر پٿر
اسان کي ساريل آھي، جيڪڏھن ڪنھن 'نوريءَ' کي لڳي به پيو ته؛ 'ٻري جن ٻاري، آءُ نه
جيئندي اُنَ ريءُ'؛ اسين سھي وينداسين، تون رڳو پنھنجي ڪر، واڙي تان سڄو ڏينھن “لنگھڻ”
گذاريندڙ ٻچن لاءِ کير وٺيو، پوءِ ٿا اچون!” ائين چئي، ھي ٻئي ڄڻا معمول مطابق، ڪجھ
پنھنجو پاڻ سان ڀُڻڪندي، کياتيون وکون کڻي، اڳتي وڌي، پويان زمين تي پنھنجا نشان ڇڏيندا
ويا، جيڪي اتان تيز گذرندڙ گاڏيون ڊاھينديون ويون!






