Saturday, October 30, 2021

مڪلي، سُر رامَڪلي، جوڳي ۽ اک اک جو ڦير - جوکيو جسارت الياس سنڌي

مڪلي، سُر رامَڪلي، جوڳي ۽ اک اک جو ڦير!

جوکيو جسارت الياس سنڌي



چتين سان ڀرپور گيڙون ويس، پٺيءَ تي گودڙي، “سُرمو سڀ ڪا پائي، پر اک اک جو ڦير” تي ويساھ ڏياريندڙ ڳٽ سرمي ۾ سرس ڪارا ۽ ڪٽورا نيڻ، وڏن ڀَنڱَن (پانچن) واري شلوار، نج سنڌي پڳ جا بنا پلاند جي ڏنل وَرَ، لٺ سھاري ھلندڙ ڏٻري جسم مان صدين پراڻي سنڌ جي مٽيءَ جي ھُڳ، ڪنڌ ۾ مالھا؛ جنھن ۾، پٿرن جا انيڪ پويل قسم! کيس چيم ته گھر ھلڻو آھي؛ ھل ته ڪار ۾ ھلون. ٺُپ جواب ڏنائين ته؛ “ڪار کان بي ڪار ھلجي، ڇو ته ڪار ڪم اچي رات ڪار ۾، نه ڪي ڏينھن جي ڪجي ڪا ڪار اِھا، جا ڪندي ڪارو 'ناري' مون!” سندس ڏنل جواب جي منطق تي دماغ ۾ واچوڙا اچي ويم. اڃا ان تي پئي سوچيم تيسين پاڻ پنھنجي ھمسفر سان گڏ اٿي، گودڙيون ۽ ٻيا سامان کڻي، اڳتي وڃڻ لڳو. اھا زال به سندس قميص جي دانوڻ ۾، مضبوط ھٿ وجھي، اکيون پوري، پنھنجي آھير مٿان لازوال ڀروسو ڪري ھلڻ لڳي. جيڏانھن مانڌيار پوڙھو، اوڏانھن ھيءَ چادر واري جھورَ پوڙھي...! ھي روز اتي اچي، نم جي وڻن جي ڇانو ۾ ويھي، پنھنجي ڏات ڏيکاري ٿو. جڏھن کانئس پڇيم ته، “ھن پوڙھيءَ کي ڇو ٿو وٺيو اچين؛ ڇڏي ڏينس گھر منجھ ويھي گھر سنڀالي” ته ھن اڌ صدي پراڻي کل جي انداز ۾ ٽھڪ ڌئي جواب ڏنو ته؛ “نوري ھجڻ جو واعدو ٻنھي ڪيو آھي، ته ھوءَ گھر ۾ ڇا ڪندي؟ انڪري اسان ٻئي ڄڻا، جتي ڪٿي گڏ ھوندا آھيون”. جيتؤڻيڪ سندس لفظ ۾ درد ڇُلڪي رھيو ھو، پر ظاھري طور سَرھو پئي نظر آيو. سندس اکين مان ڪا پري پنڌ واري اڻپوري آس جرڪي رھي ھئي! جتي ھو روز ويھن ٿا، اتان لنگھندڙ سوين ماڻھو، ڪي گھڙيون بيھي کين ڏسن ٿا، ته ڪي وري سندن اخلاقي مدد به ڪن ٿا. آھن ٻئي ايڏا جھونا جو ھلڻ مھل، ٻئي پنھنجا پُٺا سڌا ڪري نه ٿا ھلي سگھن. نظر ٻنھي جو گھٽ پر ھينئين جا سريلا! سانجھي ٿيڻ واري ھئي ۽ سج به لھڻ وارو ھو. جھور ھوندي به ھي ٻئي ڄڻا، جوانن وانگر تکا پئي ويا ته رڙ ڪري کين چيم؛ “پٿرن کان پاسو ڪري ھلو، انھن تان ٿاڙٻجي نه پئو!” “ابا ھت جو پٿر پٿر اسان کي ساريل آھي، جيڪڏھن ڪنھن 'نوريءَ' کي لڳي به پيو ته؛ 'ٻري جن ٻاري، آءُ نه جيئندي اُنَ ريءُ'؛ اسين سھي وينداسين، تون رڳو پنھنجي ڪر، واڙي تان سڄو ڏينھن “لنگھڻ” گذاريندڙ ٻچن لاءِ کير وٺيو، پوءِ ٿا اچون!” ائين چئي، ھي ٻئي ڄڻا معمول مطابق، ڪجھ پنھنجو پاڻ سان ڀُڻڪندي، کياتيون وکون کڻي، اڳتي وڌي، پويان زمين تي پنھنجا نشان ڇڏيندا ويا، جيڪي اتان تيز گذرندڙ گاڏيون ڊاھينديون ويون!

Wednesday, May 13, 2020

محبت ڪلھ ۽ اڄ - ھمير گاد


محبت ڪلھ ۽ اڄ
ھمير گاد
اڄ ڪلھ جي جديد دؤر، پيار ۽ محبت کي رانديڪو بڻائي ڇڏيو آ. نهايت سولائيءَ سان موبائل يا فيس بڪ جي ذريعي راڻي ڳولهڻ پوءِ وري انهيءَ ڏي بئلينس موڪلڻ ۽ ائين ڪهاڻي اسٽارٽ...
اڪثر اهو به ڏٺو ويو آ ته ڇوڪرا جنهن ڇوڪريءَ کي پنهنجي خوابن جي شھزادي سمجهي انهن ڏي ايزي لوڊ موڪليندا آھن اهي ڪجھ ڏينهن کان پوءِ شھزادي نه شهزادو پان وارو ۽ اسلم ڏَھيءَ وارو  نڪري پوندا آھن.

Monday, March 16, 2020

ھو جمالو - ڪيريو آفتاب


ھو جمالو
ڪيريو آفتاب
Image result for conventional wisdomمشهور لوڪ گيت هو جمالو جي تخليق جو سبب سنڌو درياهه مٿان روھڙي ۽ سکر جي وچ ۾ اڏيل بنا پلر (ٿنڀي) جي لوھي پل آھي... اچو ته ھن ھو جمالو لاڏي گيت جو اڀياس ڪيون. ھو منھنجو کٽي آيو خير سان. سال ۱۸۸۹ع ۾ جڏھن سنڌو درياءَ پنھنجي موجن ۾ تار ٿي وھندو ھو. تڏھن انگريز سرڪار سکر روھڙي شڪارپور جيڪب آباد ۽ ڀرپاسي جي شھرن جي واپار ۽ عوام جي آمدروفت کي نظر ۾ رکندي تڏھوڪي انگريز واسراءِ لئنسن ڊائون پل جي نالي سان سنڌو درياهه مٿان ھڪ پل ٺاھڻ جو فيصلو ڪيو ان وقت جي انگريز سرڪار سکر ۽ روھڙي جي وچ ۾ سنڌو درياهه تي ٺھندڙ ھن بنا پلر (ٿنڀي) يا ڪنھن سھاري ٺاھيل لوھي پل لا۽ برطانيا مان ۳۳۰۰۰ ھزار ميٽرڪ ٽن وزني لوھ سنڌ گھرايو ويو جنھن جي قيمت ان وقت چاليھ لک رپيا ھئا ۹۰۰ فوٽن تي ٺھندڙ ھي بنا پلر جي لوھي پل جو ڪم ۱۸۸۶ع کان شروع ڪيو ويو جيڪو ٽي سالن تائين ھلندو رھيو ۽ ۱۸۸۹ع ۾ مڪمل ٿيو ھن سکر روھڙي جي وچ ۾ ٺھندڙ پل جي مستري جو نالو اليگزينڊر مينڊوز ھيو ۽ ھتي مزدوري ڪندڙ تقريبن سکر سينٽر جيل جا سزايافته قيدي ھيا باقي ٿورو گھڻو تعداد مقامي ماڻھو ھيا.

Friday, February 14, 2020

ويلنٽائن ڊي - ھمير گاد


ويلنٽائن ڊي
طنز ۽ مزاح
ھمير گاد
ڏٺو وڃي ته عاشقن جي لاء هر ڏينهن ويلنٽائن ڊي آ، سواءِ محبوبه جي پيءُ جي هٿان خوار ٿيڻ جي. اڪثر عاشق هن ڏينهن تي ڏاڍو پريشان هوندا آھن. پريشانيءَ جو سبب ٻيو ڪجھ نه بس اهو هوندو آ ته کاڌو کائڻ کان ٽي وي ڏسڻ جي آدابن تائين ته ڪتاب موجود آھن پر ڪنهن ڪتاب ۾ عشق جا آداب نه ٿا ملن. انهن ڪتابن ۾ عشق جا ڪيترا ئي شعر ته موجود هوندا آھن پر طريقو ٻڌايل ناهي هوندو. ڪاش طريقو به ٻڌايل هجي ها؟

Saturday, January 25, 2020

گڏهه يا ڪتي واري زندگي، چونڊ پنهنجي پنهنجي - خير محمد ڪولاچي


گڏهه يا ڪتي واري زندگي، چونڊ پنهنجي پنهنجي
خير محمد ڪولاچي
سنڌ لٽريچر فيسٽيول ۾ سنگت مان ميل ملاقاتون به ٿينديون رھيون. هڪ ڏينهن ست اٺ دوست چانهه پيئڻ لاءِ وڃي ويٺاسين. ان چوياريءَ ۾ هر ڪنهن جا واقف پئي شريڪ ٿيا. هڪ همراهه جيڪو منهنجي دوست جي واسطي وارو هو سو به اچي اتي ويٺو. ٻين اڻ واقفن جي ڀيٽ ۾ هن ويهندي دوست کي اتي ويٺلن سان تعارف ڪرائڻ جو چيو. ان تي منهنجي دوست سندس نالي ٻڌائڻ سان گڏ اهو به ٻڌايو ته هو هڪ اهم کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري جي عهدي تي فائر آهي. شايد هن ان محفل ۾ پنهنجي عهدي جي حوالي سان توجهه پئي چاهيو. منهنجي باري ۾ هن کي ٻڌايائين ته هي ڪولاچي صاحب آهي، جيڪو ڪئناڊا ۾ رهندو آهي. ان ٻڌڻ تي هن مون کي مخاطب ٿيندي چيو ته؛ ٻڌو آهي ته ڪئناڊا ۽ آمريڪا ۾ ماڻهو وڃي اتي مزودري ٿا ڪن. اهو چئي هن منهنجو جواب ٻڌڻ چاهيو. مون محسوس ڪيو ته ھن ۾ ٻئي کي گھٽ ڏيکارڻ وارو رويو ھو، جيڪو سندس اندر احساس ڪمتري جي نشاندھي ڪري ٿو. مون کيس چيو ته؛ ان جو جواب ڏيڻ کان اڳ، مان تو کي هڪ سِک جو قصو ٿو ٻڌايان. ان سِک سان منھن جي ملاقات ان وقت ٿي جڏهن اسان ٽورنٽو ويجهو، هڪ ننڍي شهر ۾، هڪ هوٽل تان ماني کائي نڪتاسين پئي.

Sunday, January 19, 2020

اڳ ڪٿي - مٺل جسڪاڻي


اڳ ڪٿي!
مٺل جسڪاڻي
ممڪن آھي ته مستقبل ۾ ڪنھن ايم اي مونوگراف، ايم فل پراجيڪٽ، پي ايڇ ڊي ٿيسس، ڪنھن سمپوزيم، يا ڪنھن ڪانفرنس جو عنوان اھو به ھجي؛




Saturday, January 4, 2020

ھلندي ڪا ٽنڊي - نصير مرزا


ھلندي ڪا ٽنڊي
نصير مرزا
حيدرآباد کان ٽنڊي الهيار ويندي، رستي ۾ هيءُ جيڪو ”قبو اسٽاپ“، اڄ ته بابا اتي روڪيس. روڪيس...ان ڪري جو اتان کاٻي هٿ تي فرلانگ اڌ جي مفاصلي تي نڪ جي سڌ ۾، بقول مرزا قليچ بيگ؛ جيڪو داناءُ درويش، مجذوب عارف، ڪامل ۽ خوش گفتار شخص ابدي آرامي آھي، ان جي قبر ڪتبي تي وڃي پڙهي ته ڏسو! هي ڇا ته حيرت جهڙا لفظ لکيل آهن: ”جيئن توهان اڄ آهيو، تيئن آئون ڪالهه هوس. سڀاڻي توهان به ائين ئي هوندئو جيئن اڄ آئون آهيان-“ ۽ ان لحد ۾ ليٽل آهي وتايو فقير...جنهن تي واهه جو ميلو متل اٿوَ.