ھلندي ڪا ٽنڊي
نصير مرزا
حيدرآباد کان ٽنڊي
الهيار ويندي، رستي ۾ هيءُ جيڪو ”قبو اسٽاپ“، اڄ ته بابا اتي روڪيس. روڪيس...ان ڪري
جو اتان کاٻي هٿ تي فرلانگ اڌ جي مفاصلي تي نڪ جي سڌ ۾، بقول مرزا قليچ بيگ؛ جيڪو
داناءُ درويش، مجذوب عارف، ڪامل ۽ خوش گفتار شخص ابدي آرامي آھي، ان جي قبر ڪتبي تي
وڃي پڙهي ته ڏسو! هي ڇا ته حيرت جهڙا لفظ لکيل آهن: ”جيئن توهان اڄ آهيو، تيئن
آئون ڪالهه هوس. سڀاڻي توهان به ائين ئي هوندئو جيئن اڄ آئون آهيان-“ ۽ ان لحد ۾
ليٽل آهي وتايو فقير...جنهن تي واهه جو ميلو متل اٿوَ.
