لوڪ ڏاهپ جي پٺيان لڪل
سائنسي راز
مظفر بھاول لغاري
جڏهن سائنس پنهنجي ٻالڪپڻ
مان گذري رهي هئي تڏهن هن تي ويساهه گهٽ هوندو هو يا بس ڄڻ نه هئڻ جي برابر هوندو
هو تڏهن ڪو ڏاهو ڏاهپ جي دعوا ڪرڻ خودڪشي سمجهندو هو. ان زماني ۾ ڪجهه سرڪش جوڌا
پنهنجي جان جي بازي هارائي گهاڻي ۾ پيڙهيا
ويا باهه ۾ ساڙيا ويا ۽ ڪي زهر سان ماريا
ويا، ان زماني ۾ ڪي پراڻين چوڻين تي يقين رکيو ويندو هو.
