رتنبو
”نواب“ ۽ ”انگريز“ سڏجندڙ پکي
”نواب“ ۽ ”انگريز“ سڏجندڙ پکي
نواز ڪنڀر
ڪنهن به خفتي شڪاري کان پڇبو؛ “پکين ۾ نواب پکي ڪهڙو؟” سؤ سيڪڙو جواب ملندو؛ “رتنبو”. جيڪڏھن پڇجي؛ “ڪهڙو پکي شڪار ڪرڻ جي سڀ کان وڌيڪ خواهش آهي؟” ته به جواب ملندو؛ “رتنبو”. جيڪڏھن پڇبو؛ “هڪڙي پاسي پنجاهه ٻيا پکي مارجن ۽ ٻئي پاسي هڪڙو رتنبو ڌڪجي، ته خوشي ڪنهن جي ٿيندي؟” ته به جواب ايندو؛ “رتنبو”.
اهو رتنبو هاڻ شڪارين کي رلندي به ڳوليو نٿو لڀي. شڪاري ٻڌائين ٿا؛ “وڏي پاڻي وارين ڍنڍن ۾ رهندڙ هي پکي، ناري وارين ڍنڍن ۾ اسي واري ڏهاڪي تائين سياري ۾ هزارن ۾ ايندو هو. هاڻ پنج ڏهه سالن کان، گهٽ ۾ گهٽ ناري واريون ڍنڍون، جن ۾ سانگهراڙيو، راڙ، ڏوگريون، بقار، پنيهل، ڊڀري، نوگهڻو خاص طور تي رتنبي جي رهائش ۽ آرام گاهه لاءِ مشهور هيون. اهي سڄو سيارو هن جون پَر ۾ پڇائون ڪنديون آهن. هن سان گڏ رهندڙ ۽ کائيندڙ پکي آڙي ۽ ٿرهاندو جڏهن هتي اچي لهندا آهن ۽ انهن سان رتنبو ناهي هوندو ته ڍنڍون اداس ٿي وينديون آهن.”
