ڀاڻ جا خالي ڪٽا
سيڙپ، محنت ۽ مهارت ٿوري، ججهي بچت
مٺل جسڪاڻي
روزگار اڄ جو اهم مسئلو آهي! شايد ئي ڪو اهڙو گهر هجي، جنهن
۾ ڪو بي روزگار نه هجي! اهڙي ماحول ۾، ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي. ضرورتن ئي سائنسدان
۽ محقق پيدا ڪيا آهن. ضرورتن ئي ماڻهن کي ماڻهپي مان ڪڍيو آهي. اهڙي ماحول، اهڙين حالتن
۾، آئون ڪنهن سٺي روزگار جي تجويز ته نه پيو ڏئي سگهان. ”جتي وڻ ناهي، اتي ڪانڊيرو
به درخت“ مثل، جتي ذريعا نه هجن، جتي سيڙپ لاءِ رقم نه هجي،
جتي هنر جي کوٽ هجي، اتي ڇا ڇا ممڪن آهي، انهن گهڻن پهلوئن تي به ڪا خاص معلومات مهيا
ڪرڻ، هن وقت منهنجو موضوع نه آهي. ان هوندي به، منهنجي ڪوشش آهي ته پڙهندڙن کي بظاهر
انتهائي غير اهم پر، پنهنجي جاءِ تي تمام ٿوري سيڙپ، ٿوري محنت، ٿورو هنر گهرندڙ اهڙي
ڪاروبار ڏانهن ڌيان ڇڪايان. ان جا مختلف رخ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان، جنهن جي نتيجي
۾، جيڪڏهن ٿورو به عقل سوايو استعمال ڪيو ويندو، ته منهنجي خيال ۾ ججهي بچت متوقع آهي.