چيڪلو
سردي کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ پکي
سردي کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ پکي
نواز ڪنڀر
هونئن ته پکين جا ڪيترا ئي قسم هر سال، هتي ايندا ۽ ويندا آهن پر منجھن سڀ کان اول ايندڙ پکي آهي چِيڪلو. جيڪو ڀوري وڏي پڇ واري بگڙي پکيءَ کان ٿورو اڳ ايندو آهي. سڀ کان پهرين اچڻ ڪري، هيءُ ئي سڀ کان پهرين، شڪارين پاران ناحق ڏنل موت جي منهن ۾ به وڃي ٿو. چيڪلي جو اچڻ، جهڙوڪر مٿي برف ۽ ٿڌ پوڻ ۽ موسم پکين جي رهڻ کان چڙهي وڃڻ جي نشاني هوندي آهي. ان مان صاف ظاهر آهي ته کانئس سردي برداشت نٿي ٿئي ۽ ٿڌ پوندي ئي اتان نڪري اچي ٿو. ڪي پکي، بک سبب به اتان نڪري ايندا آهن پر جيڪڏهن هيءُ بک جي ڪري ويندو هجي ها ته هتي جي پاڻي گرم ٿيڻ جو انتظار نه ڪري ها. جيئن ته ننڍن پاڻين ۾ رهي ٿو ۽ اهي جلدي ڄمي پون ٿا، ان ڪري واضح آهي ته هيءُ سردي برداشت نٿو ڪري سگهي.



