مور ماڻھن جي ديس جو مور
پکي
”راز“ علي گل
ڀٽو
سڪندر اعظم جڏھن سنڌ
تي حملو ڪيو ھيو، ان وقت ھن ٻي ڦر لٽ سان گڏ سنڌ جي سونھن وارو پکي ”مور“ به پڪڙي
پنھنجي ماءُ ڏانھن يونان موڪليو ھيو، سڪندر اعظم جي ماءُ مور کي ڏسي چيو ھيو ته
جنھن ديس جو مور پکي ايڏو سھڻو آھي ته اتان جا ماڻھون ڪيڏا نه خوبصورت ھوندا، آخر ڪار
حملي آور ڦوروءَ جي ماءُ ھئي! جنھن مور جي سونھن جي تعريف ته ڪئي، پر اتان جي سھڻن
۽ امن پسند ماڻھن کي ستائڻ کان نه روڪيو.