Wednesday, December 4, 2024

ڏاڏي ٻانھي جي ڪچھري - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

ڏاڏي ٻانھي جي ڪچھري

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



ڏاڏو ٻانھو آهي ته نوي کان چڙهيل، پر قد ڪاٺ، ڪم ڪار، ڳالھائڻ ٻولھائڻ وغيره ۾ پوڙهي اُٺ چواڻي گهڻن کان ڏاڍو آهي. ڪتريل ڏاڙهي، پورا پنا شھپر، کسي ڳچيءَ تي پھراڻ، موڪري شلوار، پير ۾ کيترو، مٿي تي محرابي ٽوپي- اهي سندس حليا آهن. پراڻي جڳ جي ناتي ڳوٺ وارا کيس چڱو مڙس ئي سمجهندا آهن. سنڌ جي مٽيءَ سان ملھائڻ ناتي سگهڙ، مھماندار ۽ محبتي ماڻھو آهي. ڪنھن سان ڏاڍائي نه ڪبي، نه سھبي!