Sunday, December 16, 2012

آئي ڪونجن جي ڪسجڻ جي موسم - نواز ڪنڀر


آئي ڪونجن جي ڪسجڻ جي موسم
نواز ڪنڀر
سنڌ ۾، ڪونجون سال ۾ ٻه ڀيرا ڪسجنديون آهن. هڪ ڀيرو بڊي کانپوءِ سياري اچڻ وقت ۽ ٻيو ڀيرو چيٽ ۽ بهار جي اچڻ ۽ سياري وڃڻ وقت. هڪ ڀيرو سَر نسرڻ وقت ۽ ٻيو ڀيرو سرنهن ساوا ٿيڻ وقت. هڪ ڀيرو ڏکڻ ايندي ۽ ٻيو ڀيرو اتر ويندي. هڪ ڀيرو تاڙي جي تنوارڻ ۽ ڪوئل جي ڪوڪڻ بعد ۽ ٻيو ڀيرو ڪارڙي تتر جي ٻولڻ بعد. شڪارين ۽ شاعرن جي هڪ جيترو زيرِ موضوع رهندڙ، شڪار ڪرڻ ۾ شايد سڀني کان ڏکيو پکي، سونهن، قرب، ٻڌي، سِڪ ۽ محبوب سان مشابهت جو درجو رکندڙ، حڪمت جي حوالي سان به اهم، ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح پاران پرديسي پکين ۾ سڀ کان وڌيڪ ڳايل ڪو پکي آهي ته، اها يقينن ڪونج ئي آهي. واپس ورندڙ ڪونجن تي نه ته جهڙو تهڙو ڪارتوس ٿو اثر ڪري ۽ نه ئي ان کي انساني اک وسيلي سولائيءَ سان شڪار ڪري سگهجي ٿو. پر ايندي مهل ته اها چوٿين نمبر جي ڪارتوس سان به شڪار ٿيو وڃي. سڄو سال ماٺ ۾ ۽ زمين تي رهندڙ ڪارڙو تتر ڪنهن وڻ جي ٿُڙ تي چڙهي مستيءَ وچان ٻولي، آنا ٻچا ڪري ته اها چيٽ ڦٽڻ جي نشاني سان گڏ ڪونجن جي ڏکڻ کان واپس، پنهنجي وطن اتر وڃڻ جو وقت به هوندو آهي. سياري جي اچڻ سان ئي ڪونجن جي اچڻ ۽ بهار جي شروع ۾ وڃي وري جلد واپس ورڻ ڪري، خفتين جي بقول ته هي رڳو واپس اچڻ لاءِ ئي، واپس ورندي آهي. جڏهن ڪونج چولستان ۾ راجنپور ڀرسان سخي پير واري پاسي، رحيم يار خان ۽ ڪوٽ سبزل کان، سنڌ پنجاب جي سرحد تي، گهوٽڪي واري پاسي کان سنڌ ۾ داخل ٿيندي آهي ته سفر جي سختين ۽ بکن سبب صفا ڪمزور هوندي آهي ۽ ان جو گوشت کائڻ ۾ به مزو نه ڪندو آهي. اڳوڻن وقتن ۾ ته شڪارين جو ان وقت کيس ڌڪ هڻڻ تي به ارواهه نه ڪندو هو، اها بک ته هاڻ اچي ڪاهي پئي آهي. واپس ورڻ وقت ڪونج جو وزن ڪافي وڌي ويندو آهي. ۱۵ کان ۲۵ مارچ تائين، جڏهن هي گهوٽڪي جي پوٺن ۾ (جيڪي ڪونجن جو جنڪشن سڏبا آهن) واپس ورڻ لاءِ گڏ ٿيندي ۽ اتان اڏامندي آهي ته شڪاري بغير ڪنهن جهل پل جي هن کي شڪار ڪندا آهن، ان وقت هن تي جهڙو تهڙو ڪارتوس اثر ئي نه ڪندو آهي. نوڙيو يا ٻٽيهون وڃي ڌڪيندو اٿس. گهڻو مٿي اڏامڻ سبب هن جو نشانو وٺڻ مشڪل هجڻ ڪري، ٽيلي اسڪوپ واري رائيفل ذريعي نشانو وٺبو آهي. هن جو شڪار ان ڪري به مشڪل آهي جو ٻين ڪونجن جي سمهڻ تي هڪ ڪونج پهرو پئي ڏيندي آهي ۽ خطرو محسوس ڪندي ئي هڪ مخصوص آواز ذريعي ٻين کي آگاهه ڪرڻ سبب سڀئي پکي هڪدم اڏامي ويندا آهن. اهڙي وقت ۾ جي هوندو آهي ميداني علائقو ۽ خفتي هوندا آهن تيز رفتار جيپ يا موٽر سائيڪل تي ته پوءِ هو ڌڪ هڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن. ڪونج کي به پڪڙڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. ويجهو وڃڻ تي هي چڪ به هڻندي آهي ته وڙهندي به آهي. قطار ڪري اڏامندڙ ڪونج گهڻو ڪري ڏينهن جو سج اڀرڻ کانپوءِ سفر ڪندي آهي پر هي چانڊوڪي راتين ۾ به سفر ڪندي آهي. هن جي هجڻ جي چغلي هن جو آواز هڻندو آهي. هي ڪَر ڪَر وارو آواز ڪندي اڏامندي آهي، جنهن کي ڪُرڪڻ سڏبو آهي، جيڪو ٻه ٽي ڪلو ميٽر تائين به ٻڌبو آهي. جنهن سان شڪاري هن جي موجودگي کان باخبر ٿي، هن جو پيڇو ڪري، ويهڻ يا ويهي اڏامڻ وقت، هن جو شڪار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن. ڇو جو هي اڏامڻ مهل ڳجهه وانگر آهستي آهستي اڏامندي، آسمان تي چڙهندي آهي، مٿي چڙهي وڃڻ بعد سندس رفتار وڌي وڃڻ ڪري نشانو وٺڻ مشڪل هوندو آهي. محبوب جي سونهن ۽ سندرتا سان ڀيٽجندڙ ڪونج جا هتي ٻه قسم ايندا آهن، هڪ مٿي تي ڪارن وارن جي موڙ واري ۽ ٻي موڙ کان بغير، جنهن کي مقامي خفتي گوڙي ڪونج سڏين ٿا. تعداد جي لحاظ کان گوڙي ڪونج به ائين وڌيڪ آهي، جيئن بدصورتي، سونهن جي مقابلي ۾ گهڻي آهي. گوڙي ڪونج جو وزن کنڀن سميت اڍائي ٽي ڪلو تائين، جڏهن ته عام ڪونج جو وزن ڪلو تائين هجي ٿو. نوجوان خفتي انيس لغاري جي بقول ته هن ڪونج جي ٻنهي پرن جي وچ ۾ فاصلو ۵۳ انچ ۽ پيرن کان وٺي سِسي تائين ۴۳ انچ هوندو آهي.


ڪونج بنيادي طرح جابلو علائقن، ويرانين ۽ خشڪيءَ جو پکي آهي. سياري ۾ ايندڙ پرديسي پکين ۾ شايد ڪونج ۽ تلور ئي اهڙا پکي آهن، جيڪي پاڻي بجاءِ خشڪي جا آهن، پر واپس ورڻ مهل گرمي وڌڻ ۽ وزنائتي ٿيڻ ڪري، ڪونج پاڻي جي ننڍن دُٻن ۾ پير پسائي، ساهيون پٽيندي به نظر ايندي آهي. ڪن خفتين جي بقول ته سياري ۾ هيڏانهن ايندڙ پکين جا ۱۲ رستا آهن، جن ۾ ۸ انڊيا ۾ ۽ ۴ پاڪستان ۾ آهن. پکي گهڻو ڪري انهن رستن تان ئي اڏامندي سفر ڪن ٿا. ڪونج ولر ۾ سفر ڪندي آهي، جنهن ۾ هن جو تعداد ۳۰/۲۵ کان ۲۰۰/۱۰۰ تائين به ٿي سگهي ٿو. هي صفا سڌو اڏامڻ بجاءِ، ڪجهه مفاصلو گول چڪرن ۾ طئه ڪري، پوءِ ڪجهه سفر سڌو ڪري وري گول چڪرن ۾ اڏامندي سفر ڪرڻ کي ترجيح ڏيندي آهي. ڪونجن جي نفسيات جي ڄاڻو خفتي معروف لغاري جي بقول ته، جنهن جڳهه تي ڪونج قتل ٿئي ۽ ولر کان وڇڙي، ته ٻئي سال انهيءَ ٽولي پاران، اتان لنگهڻ وقت، ڪونجون ان جاءِ تي ضرور اينديون آهن ۽ اڏامندي اڏامندي پنهنجي وڇڙيل ساٿيءَ کي ساريندي، ڏاڍيون ڪُوڪُون به ڪنديون آهن. دانهون ته ڪونجون پنهنجي ڪنهن ساٿي جي ڌڪجڻ وقت به ڏاڍيون ڪنديون آهن پر اشرف المخلوقات چورائيندڙ انسان کي ڪونجن جي ڪُوڪُڻ ۽ ڪُڻڪڻ تي ڪابه ڪهل نه ايندي آهي!
ڪونجن جي نر مادي جي سڃاڻپ سندن پرن مان ٿيندي آهي يا وري وزن سان. نر وزن ۾ ڪجهه وڌيڪ هوندو آهي ۽ سونهن ۾ به سرس هوندو آهي. پر شاعر خبر ناهي ڇو ڪونج جي تشبيهه محبوبه جي حوالي سان ئي ڏيندا آهن! خفتي منٺار لغاري جي بقول ته ڪونجون بلوچستان جي ڪجهه جابلو علائقن ۾ آنا ٻچا به ڪنديون آهن. هي پهاڙن جي کڏن کوٻن ۾ لِڪ ڪري، سنهين ڪاٺين سان آکيرو جوڙي، چار بيضا ڏينديون آهن ۽ ٻچن کي ڪبوتر وانگر، اوڳاڇي کارائينديون آهن. هن جو کاڌو گهڻو ڪري ننڍا پٿر، ڪڪرو، ڪوڏ، ننڍا شيشي جهڙا چمڪندڙ پٿر، ساريون ۽ ٻيون اهڙيون شيون هونديون آهن.
خفتين جي بقول ته ڪونج جو هڏو اندران پورو، پائپ وانگر هجي ٿو، جيڪو پٿريءَ جو هڪ ٽِڪ علاج آهي. هڏي کي سڪائي، اندران مِک ۽ چرٻي وغيره ڪڍي صاف ڪري، پيهي پائوڊر ڪري، ۲۰/۱۵ ڏينهن پيئڻ سان پٿري نڪري وڃي ٿي. ڪونج جي گُجيءَ جو پردو وري بدهضمي جو علاج ٻڌايو وڃي ٿو. چار پنج گُجيءَ جا پردا لاهي، سڪائي، خشڪ ڪري، گهوٽي پائوڊر ڪري، مريض کي ڪَک جي صورت ۾ ڏبو آهي، جيڪو السر ۽ ٻين هاضمي جي بيمارين جو بهترين علاج چيو وڃي ٿو. جڏهن ڪونج جو ذڪر ڇڙي ٿو ته خفتي ڪيتريون ئي دلچسپ ڳالهيون به سامهون آڻين ٿا. جتي ڪونج سونهن جي نشاني آهي، اتي عورتاڻو نالو به آهي پر نر ۽ مادي ٻنهي لاءِ ساڳيو لفظ ڪونج ئي استعمال ڪيو وڃي ٿو. چيو وڃي ٿو ته بلوچستان واري پاسي ڪونج کي دام ۾ ڦاسائي به شڪار ڪبو آهي ته گوادر واري پاسي کان اسمگل به ٿيندي آهي. ڪونج ڌاري به وڃي ٿي ۽ پيار ڪجي ته هو انسان سان هِري مِري به وڃي ٿي. مزي جي ڳالهه ته اڄڪلهه هڪ ته اوائلي شڪاري قبيلا ذري گهٽ پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ويٺا آهن ۽ انهن جي جاءِ جديد دور جي با اثر سمجهيو ويندڙ ذاتين جي ماڻهن اچي والاري آهي پر پنهنجي وقت ۽ دور ۾ به شڪاري ڪونج وغيره جهڙن پکين جي شڪار کان پاسو ڪندي، ٻيا جانور شڪار ڪندا هئا. پر اڄوڪا شڪاري، انهن شڪارين جيترو به نه ته خيال ٿا رکن، نه ئي انهن ۾ اهڙو ڪو احساس ۽ اخلاقيات ئي آهي. خفتين جي بقول ته ڪونج اڄ به اڳ جيترو ئي اچي ٿي. ٻين پکين جي تعداد ۾ ته ڪافي گهٽتائي آئي آهي پر ڪونجن جي ڏکئي شڪار، مٿي اڏام ۽ هڪٻئي جي گهڻي خيال رکڻ، ٻڌي ۽ چوڪسي رکڻ سبب، انهن پنهنجي نسل کي ڪافي حد تائين بچائي رکيو آهي. ڪاش ڪونجن وانگر سڀني سونهن ۽ حسناڪين وارن کي به ايڏي مٿانهين اڏام نصيب ٿئي ته اهي به ڪسجڻ ۽ بدصورت شڪارين جي بدشڪل دلين ۽ اکين جو شڪار ٿيڻ کان بچي پون!!  

No comments:

Post a Comment