مشهور لوڪ گيت هو
جمالو جي تخليق جو سبب سنڌو درياهه مٿان روھڙي ۽ سکر جي وچ ۾ اڏيل بنا پلر (ٿنڀي)
جي لوھي پل آھي... اچو ته ھن ھو جمالو لاڏي گيت جو اڀياس ڪيون. ھو منھنجو کٽي آيو
خير سان. سال ۱۸۸۹ع ۾ جڏھن سنڌو درياءَ پنھنجي موجن ۾ تار ٿي وھندو ھو. تڏھن
انگريز سرڪار سکر روھڙي شڪارپور جيڪب آباد ۽ ڀرپاسي جي شھرن جي واپار ۽ عوام جي
آمدروفت کي نظر ۾ رکندي تڏھوڪي انگريز واسراءِ لئنسن ڊائون پل جي نالي سان سنڌو
درياهه مٿان ھڪ پل ٺاھڻ جو فيصلو ڪيو ان وقت جي انگريز سرڪار سکر ۽ روھڙي جي وچ ۾
سنڌو درياهه تي ٺھندڙ ھن بنا پلر (ٿنڀي) يا ڪنھن سھاري ٺاھيل لوھي پل لا۽ برطانيا
مان ۳۳۰۰۰ ھزار ميٽرڪ ٽن وزني لوھ سنڌ گھرايو ويو جنھن جي قيمت ان وقت چاليھ لک رپيا
ھئا ۹۰۰فوٽن تي ٺھندڙ ھي بنا پلر جي لوھي پل جو ڪم ۱۸۸۶ع کان
شروع ڪيو ويو جيڪو ٽي سالن تائين ھلندو رھيو ۽ ۱۸۸۹ع ۾ مڪمل ٿيو ھن سکر روھڙي جي
وچ ۾ ٺھندڙ پل جي مستري جو نالو اليگزينڊر مينڊوز ھيو ۽ ھتي مزدوري ڪندڙ تقريبن
سکر سينٽر جيل جا سزايافته قيدي ھيا باقي ٿورو گھڻو تعداد مقامي ماڻھو ھيا.