ناياب جهنگلي جيوت
سندس جاري نسل ڪشي ۽ تماشو ڏسندڙ سرڪاري ادارا
کاٽائو جاني
جيتوڻيڪ گلوبل وارمنگ سبب نه رڳو گذريل ٽن ڏهاڪن کان سڄي دنيا ۾ قدرتي
آفتن ۾ اضافو ٿيو آهي، پر جهنگلي جيوت جي واڌ ويجهه تي تمام گهڻو هاڃيڪار اثر به ٿيو
آهي. ڪيترا ئي جانور ۽ پکي، دنيا ۾ ناياب ٿي رهيا آهن. جنهن ڪري جهنگلي جيوت جي بچاءَ
لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي ادارن طرفان، دنيا ۾ جيڪي پکي پکڻ ۽ جانور ختم ٿي رهيا آهن، انهن
ناياب پکين توڙي جانورن جي ريڊ ڊيٽا لسٽ جاري ڪئي ويئي آهي. انهي ريڊ لسٽ ۾ نه رڳو
پرديسي پکي تلور شامل آهي، پر اسانجي ناياب ٿيندڙ مقامي جهنگلي جيوت ۾، هنج، ڪُونج،
مور، هرڻ، روجهه وغيره شامل آهن. انهيءَ کانسواءِ جهنگلي جيوت، جيڪا اسان جي ڌرتيءَ
جي نه رڳو سونهن ۽ سُندرتا آهي، پر فطرت جي رنگينيءَ جو نظام به انهيءَ جيوت سان جُڙيل
آهي، ڪائنات جي خوبصورتيءَ جا رنگ جهنگلي جيوت کانسواءِ اڌورا ويران ۽ اداس هوندا آهن.
ان ڪري هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي عروج واري دور ۾ به دنيا ۾ جهنگلي جيوت کي ڌرتيءَ
جي سُونهن ۽ انساني زندگيءَ جي ضرورت شمار ڪيو وڃي ٿو. جهنگلي جيوت جي اهميت کي اُجاگر
ڪرڻ ۽ بچائڻ لاءِ 2 فيبروري 1972ع ۾ ايران جي شهر رامسر ۾ هڪ عالمي گڏجاڻي ٿي هئي،
جنهن ۾ هڪ معاهدو ٿيو، جنهن کي رامسر ڪنوينشن چيو وڃي ٿو، انهيءَ تي پاڪستان سميت دنيا
جي 123 ملڪن صحيحون ڪيون آهن. جڏهن ته پاڪستان ۾ ناياب جهنگلي جيوت جي بچاءُ لاءِ
19 سائيٽن کي رامسر ايريا قرار ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ ۾ ڪينجهر ۽ هاليجي ڍنڍ ۽ رڻ
ڪڇ جي ساحلي پٽيءَ سميت 10 سائيٽ شامل آهن. رڻ ڪڇ جي ساحلي پٽي، جيڪا 3 لک 20 هزار
436 هيڪٽر ايراضيءَ تي مشتمل آهي، جيڪا بدين ۽ ٿرپارڪر ضلعي ۾ اچي ٿي، ۽ اها 1980ع
کان وٺي وائلڊ لائيف سينچري پڻ قرار ڏنل آهي پر اسان جي ملڪ ۾ لاقانونيت جي بازار
۾ بربادي ۽ تباهيءَ جو اهڙو ته تماشو لڳل آهي، جتي هڪ طرف دهشتگردي ۽ بدامنيءَ جي بي
قابو جِنَ عوام جو جيئڻ عذاب ڪري سُک چين برباد ڪري ڇڏيو آهي، اُتي بيرحم شڪاري، بندوقون
اُڀيون ڪري ڍنڍن ۽ ڍورن تي سائبيريا، روس ۽ ٻين ٿڌن ملڪن کان آيل مهمان پکين جو جنهن
طرح بندوقن سان آڌر ڀاءُ ڪري رهيا آهن.